شهزور علي طيباڻي

شهزور علي طيباڻي

شهزور علي طيباڻي

شهزور علي طيباڻي: ناميارو ميزيولاجسٽ، آرڪيالاجيءَ جو ڄاڻو ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو اڳوڻو سيڪريٽري، شهزور علي طيباڻي، 11 جون 1952ع تي شڪارپور جي علوي خاندان ۾ ڄائو. سندس خاندان جو وڏو طيب علوي، مشهور بزرگ حاجي فڪرالله علويءَ جو همعصر هو. اهو خاندان افغانستان جي ڪُم واري علائقي مان هجرت ڪري ديني تبليغ خاطر شڪارپور ۾ آباد ٿيو.
شهزور علي طيباڻيءَ جي تعليم ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ۽ ايل. ايل. بي آهي. هن ڪامن ويلٿ پروگرام تحت سريلنڪا مان ميوزيولاجي ۽ آرڪيالاجي شعبن ۾ تربيت حاصل ڪئي. سنڌ ۾ علمي ثقافتي ادارن جي قيام ۾ به سندس ڪردار رهيو آهي. کيس ترقياتي رٿائن، منصوبن جي رٿابندي ۽ تڪميل جي مرحلن جو ڪافي تجربو آهي. سنڌ ۾ سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٻوليءَ توڙي ادب جي فروغ لاءِ آرٽس ڪائونسل، آرڪائيوز ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جهڙا ادارا قائم ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي. سنڌو تهذيب جي باقيات کي محفوظ ڪرڻ ۽ عوامي سطح تي انهن جي نمائش لاءِ چاليهه کان وڌيڪ منصوبن تي ڪم ڪري چڪو آهي.
شهزور علي طيباڻي مختلف وقتن تي سنڌ جي اهم انتظامي عهدن تي فائز رهيو، جن ۾ سنڌ ٽوئرزم ڪارپوريشن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ثقافت کاتي سنڌ جي پلاننگ، ڊيولپمينٽ، مانيٽرنگ، امپليمينٽيشن اينڊ ايواليوئيشن سيل جو ڊائريڪٽر، سنڌ پراونشل ميوزيم جو ڊائريڪٽر، لياقت لائبرريءَ جو ڊائريڪٽر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري، مهراڻ آرٽس ڪائونسل جو سيڪريٽري، ترقي ۽ رٿا واري شعبي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، سنڌ ميوزيم حيدرآباد جو ٽيڪنيڪل آفيسر ۽ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جو اسٽنٽ ٽرئفڪ مئنيجر وغيره شامل آهن.
پاڪستان ۾ عجائب گهرن جي ترقيءَ جي عنوان تي لکيل تحقيقي مقالن Development of Museum in Pakistan کان سواءِ سندس ڪيل اهم ڪمن ۾: سنڌ جي قديم آثارن بابت ڪيل تحقيقي سروي پراجيڪٽ، سنڌ صوبي ۾ عوامي لائبررين جو قيام ۽ انهن جي ترقي، سنڌ آرڪائيوز عمارت جو واڌارو، موهاٽا پئليس ميوزيم جو قيام، سيوهڻ ۾ لوڪ ثقافتي عجائب گهر جو قيام ، حيدرآباد ۾ سنڌ ريجمينٽل سينٽر ميوزيم جو قيام، ٽريننگ انسٽيٽيوٽ آرٽ سميت قديم دور جي وٿن ۽ روغني ٿانون (Glazed Pottery) تي تحقيق لاءِ ليبارٽريءَ جو قيام، ‘هندو جيمخانه ڪراچيءَ’ کي تاريخي ورثي طور محفوظ ڪرائي آرٽس اينڊ ڪرافٽس ڪاليج قائم ڪرڻ، خطاطي توڙي ٻين فن پارن جون نمائشون ڪرائڻ، سنڌ صوبي ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي سهڪار سان 20 رٿائون تيار ڪرڻ اهم آهن.
شهزور علي طيباڻي هن وقت رٽائر ٿي چڪو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.06.11  عيسوي

شهزور علي طيباڻي، 11 جون 1952ع تي شڪارپور جي علوي خاندان ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راءِ ڏياچ
صابري يشڪري
دين محمد شيخ 1
رحيم بخش جمالي
پاٽولي استاد عاشق حسين
جھانگير خان ڪرڪيٽر
ذاڪر حسين ڊاڪٽر
جاويد شيخ
ابڙو غلام مصطفيٰ
پلي رحيم ڏنو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون